ھڪ زرداري سڀني تي ڀاري

ھڪ زرداري سڀني تي ڀاري

حفيظ شيخ کي حاصل سموري حمايت باوجود يوسف رضا گيلاني جي سينيٽ ۾ ڪاميابي “ھڪ زرداري سڀني تي ڀاري” جي نعري کي پڪي حقيقت بڻائي ڇڏيو. صرف اهو ئي نه، زرداري صاحب سينيٽ ۾ پيپلزپارٽي جي سيٽن جو انگ


20 ۽ پي ڊي ايم جون 53 تائين پهچائي ڇڏيون آهن. هاڻي کين چيئرمين شپ به ملي سگھي ٿي. عمران خان کي گهر موڪلڻ جي حڪمت عملي ٺاهڻ ۾ زرداري صاحب کي بالادستي حاصل آهي ڇو جو هن پنهنجي صلاحيت جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي. ان جي حڪمت عملي نواز شريف کان مختلف آهي. هو لانگ مارچ ۽ پارليامينٽ مان استعيفائن ذريعي حڪومت کي مفلوج ڪندي عمران خان کي اقتدار ڇڏڻ تي مجبور ڪرڻ چاهيندو هو ته جيئن ان کانپوءِ ملڪ ۾ عام چونڊون ٿي سگھن. ٻئي پاسي زرداري صاحب ان هائوس تبديلي ذريعي عمران خان کي گھر ڀيڙو ڪري پيپلزپارٽي جي حڪومت قائم ڪرڻ چاهيندو، جنهن جي قيادت بلاول ڀٽو وٽ هجي ۽ اهو بندوبست 2023ع تائين جاري رهي. ايستائين ايندڙ عام چونڊون ٿين. هاڻي زرداري صاحب جا دائو کيس ان مقصد جي حاصل ڪرڻ جي ويجھو وٺي آيا آهن.


سينيٽ جي چونڊن کان اڳ به تحريڪ انصاف جي پريشاني عمران خان جي چهري مان صاف ظاهر هئي. پي ڊي ايم، خاص ڪري نواز شريف پاران آفيسرن کي هدف بنائڻ کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ پنهنجي ڪرندڙ ساک بچائڻ لاءِ عمران خان کان وڇوٽي اختيار ڪري ورتي. ان جي ڪري تازو ننڍي چونڊ ۾ پاڪستان مسلم ليگ ن تحريڪ انصاف کي لوڏي ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي اصولن تي بيهي رهڻ جو حوصلو مليو ۽ ان پنجاب ۾ چونڊ ڌانڌلي ۽ ناڪاري اٽڪلون استعمال ڪرڻ تي تحريڪ انصاف جي انتظاميا سان به سختي ڪئي. گھٻراهٽ ۾ تحريڪ انصاف سپريم ڪورٽ ۾ ڳجھي راءِ شماري خلاف درخواست داخل ڪرائي، پر چيف اليڪشن ڪمشنر جي غير جانبداري جي عوامي مقبوليت ۽ اسٽيبلشمينٽ جي سڌي ريت دٻاءُ مان نڪرڻ کانپوءِ سپريم ڪورٽ به تحريڪ انصاف کي مايوس موٽائي ڇڏيو. جڏهن اسٽيبلشمينٽ سڌي ريت مداخلت ڪندي وڌيڪ سهارو ڏيڻ کان پاسو ڪيو ته تحريڪ انصاف جي دفاعي لائن خزان ۾ ڪريل پنن جيان وکرڻ لڳي ۽ عمران خان منهن ڀر ڪري پيو. هن هڪدم ئي پنهجي پارٽي سان رابطو ڪيو. لاهور ۾ چوڌرين سان رابطو ڪيو جڏهن ته ان جي گھر واري شيخ علي هجويريرح المعروف داتا صاحب جي مزار تي حاضري به ڏني پر فائدو نه ٿيو.


تحريڪ انصاف جي صفن ۾ افراتفري جو فائدو کڻندي زرداري صاحب سنڌ مان هڪ درجن ايم پي ايز پاڻ سان ملائي ڇڏيا. اهڙي طرح کيس سينيٽ ۾ هڪ اضافي سيٽ ملي وئي. ائين ايم ين ايز جي ووٽن سان يوسف رضا گيلاني به ڪامياب ٿي ويو. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته آخري لمحن ۾ عمران خان پاران ايس او ايس جي هنگامي پڪار تي دل وندرائيندڙن ۽ اسٽيبلشمينٽ ڪجھه ايم اين ايز کي فون ڪيا. ان سان يوسف رضا گيلاني جي ڪاميابي جو فرق ٿورو گھٽ ٿيو، پر هاڻ اڳتي ڇا ٿيندو؟


بلاول ڀٽو زرداري جي چيني سفير سان زرداري ھائوس اسلام آباد ۾ ملاقات
شهيد بينظير ڀٽو ۽ آصف زرداري جي نياڻي بختاور ڀٽو زرداري جي محمود چوڌري سان مڱڻي ٿي وئي
ڪورونا وائرس ۽ اسان سڀني جو ڪردار | آفتاب سرور وڌو


سمورا اسٽيڪ هولڊرز پنهنجن پنهنجن مورچن ۾ صلاحون ڪري رهيا آهن. هن وقت اسٽيبلشمينٽ کي ٻن بنيادي معاملن تي فيصلو ڪرڻو آهي: ڇا عمران خان جي پٺڀرائي تان هٿ کڻڻ جو وقت اچي ويو آهي؟ ڇا اها نواز شريف خلاف آصف زرداري سان هلڻ لاءِ تيار آهي؟ ڇا اها ائين ڪري ڪنهن حل تائين پهچي سگھي ٿي؟ نواز شريف کي به ٻن اهم معاملن تي فيصلو ڪرڻو آهي: ڇا هو ايندڙ ٻن سالن تائين قدم پوئتي هٽائيندي زرداري صاحب کي اسٽيبلشمينٽ جي مدد سان کليل نموني کيڏڻ جي اجازت ڏيندو؟ يا ڇا هو اسٽيبشلمينٽ مخالف حڪمت عملي ۽ وقت کان اڳ چونڊون ڪرائڻ لاءِ دٻاءُ برقرار رکڻ چاهيندو؟ ائين ڪندي هو پنهنجي پارٽي جي ڪافي ڪمزور يا موقعي پرست ميمبرن جي حمايت به وڃائي سگھي ٿو. خاص طور تي جڏهن ان جي سامهون ڪو مضبوط بندوبست موجود هوندو؟


اسٽيبلشمينٽ عمران خان جي قيادت ۾ موجوده هائبرڊ سسٽم تي وڏي سرمائيڪاري ڪئي هئي. ان جي ٻن ليڊرن جو موجوده بندوبست ۾ ذاتي حصو آهي. پر عمران خان جي مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي اسٽيبشلميٽ کي چڪر ڏئي ڇڏيا آهن. ان جي قيادت تي نواز شريف جي تيز حملن ان جي ساک ۽ وقار کي سخت نقصان پهچايو آهي. جيڪڏهن هي عمران خان سان گڏ بيٺي رهي ٿي ته پي ڊي ايم ان کي نشانو بڻائيندي. اهو هڪ اداري طور ان جي مفاد ۾ ناهي. جيڪڏهن هو ائين ڪري ٿي ته پوءِ ڪو متبادل ڳولڻو پوندو جنهن تي عمران خان ۽ نواز شريف کان سواءِ ڀاڙي سگھجي. اها شيءِ سولي نه ٿيندي. اهي ٻئي اڳواڻ تمام گھڻي عوامي حمايت رکن ٿا، پر اهو ناممڪن به ناهي. اسٽيبلشمينٽ اختيار حاصل ڪرڻ ۽ جڏهن عوام خلاف ٿي وڃي ته قدم پوئتي هٽائڻ جي تاريخ رکندي آهي.


مارچ ۽ اپريل فيصلائتا مهينا ٿي سگھن ٿا. عمران خان پنهنجو زخم چٽيندي سوچي رهيو آهي ته هو بنا روڪ ٽوڪ جي پنهنجي مرضي سان حڪومت ڪرڻ جي قابل ڪڏهن ۽ ڪيئن ٿيندو؟ هن پارليامينٽ مان اعتماد جو ووٽ حاصل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، پر اهو ناهي ٻڌايو ته هو ائين ڪڏهن ڪندو؟ اڃا هن کي اها به پڪ ناهي ته اسٽيبلشمينٽ کان پڪي مدد ملي سگھندي يا نه؟ جيڪڏهن نه ملي ته ان جي ڇٽي پڪي آهي. جيئن ته ان جا ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز ڄاڻين ٿا ته “غير جانبداري” نالي ڪا شيءِ ناهي هوندي. ان ڪري جڏهن اهي ڏسندا ته هاڻي اسٽيبلشمينٽ جي حمايت جي ساهمي ڪنهن ٻئي پاسي جھڪي چڪي آهي ته اهي ان پاسي هليا ويندا. تازي اڳڀرائي کي حقيقي فلم جي ٽريلر طور ڏسي سگھجي ٿو.


تحريڪ انصاف ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ابتڙ پي ڊي ايم جي ايندڙ قدمن جي اڳڪٿي ڪري سگھجي ٿي. اها سينيٽ ۾ پنهنجي پوزيشن مضبوط ڪندي. يوسف رضا گيلاني امڪاني طور سينيٽ چيئرمين چونڊجي سگھي ٿو. ان کانپوءِ عوامي طاقت جي مظاهري لاءِ لانگ مارچ جي به تياري ڪري سگھجي ٿي. انهن سڀني جي پردي پويان زرداري صاحب اسٽيبلشمينٽ ۽ ان جي مددگار پارٽين، ق ليگ، ايم ڪيو ايم ۽ بلوچ پارٽين سان ڊيل ڪرڻ جي ڪوششن ۾ هوندو ته جيئن قومي اسيمبلي ۾ عمران خان خلاف بي اعتمادي جي ڪامياب رٿ پيش ڪري سگھجي. جيئن ته تحريڪ انصاف جي هر ايم اين اي ۽ ايم پي اي کي خبر آهي ته ايندڙ چونڊون جڏهن به ٿينديون، اهي تحريڪ انصاف جي ٽڪيٽ تي کٽي نه سگھندا، ان ڪري انهن مان هر ڪو مستقبل ۾ کٽيندڙن جي ويگن ۾ چڙهڻ جي ڪوششن ۾ هوندو. ان صورت ۾ ڪنهن کي فلور ڪراسنگ جي الزامن تي پارليامينٽ مان نااهل ٿيڻ جي ڪا پرواهه نه هوندي.


ڌانڌلي سٽيل چونڊن جي بنياد تي وجود ۾ ايندڙ هائبرڊ نظام، جنهن جي قيادت عمران خان جهڙي نهايت ڇڙواڳ، نالائق ۽ وڏائي سان ڀريل لاپرواهه وزيراعظم وٽ آهي، اهو صرف ان صورت ۾ برقرار رهي سگھي ٿو، جڏهن طاقت ور اسٽيبلشمينٽ پوري ارادي سان ان سان گڏ بيٺي رهي ۽ حڪومت جي ڪارڪردگي نهايت ئي اعليٰ هجي. تازن واقعن سان خبر پئجي چڪي آهي ته انهن ٻنهي مان ڪنهن جو به امڪان ناهي. ان جو ڪريڊٽ نواز شريف کي وڃي ٿو جنهن اسٽيبلشمينٽ کي پوئتي هٽائي ڇڏيو، ۽ آصف علي زرداري کي جنهن ان کي احساس ڏياريو ته ان جو موجوده منصوبو ناڪام آهي، هاڻي ڪجھه ٻيو سوچيو.






Published: Samachar 
Source:
 https://samachar.pk/

Najam Aziz Sethi is a Pakistani journalist, businessman who is also the founder of The Friday Times and Vanguard Books. Previously, as an administrator, he served as Chairman of Pakistan Cricket Board, caretaker Federal Minister of Pakistan and Chief Minister of Punjab, Pakistan.